رخسانه ‘رخ’ سومرو

رخسانه ‘رخ’ سومرو

رخسانه رخ سومرو

رخسانه ‘رخ’ سومرو: مشهور شاعره رخسانه ولد شير محمد سومرو ڳوٺ ڳڙهي پير بخش سومرو، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. هن ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس ۽ اڪنامڪس) تائين تعليم سنڌ جي تعليمي درسگاهن مان حاصل ڪرڻ بعد هالينڊ مان گريجوئيشن ڊپلوما مئنيجمينٽ ۾ ڪيائين. 1990ع ۾ مارگلا ڪاليج اسلام آباد ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. 1992ع ۾ ڪميشن پاس ڪري اسلام آباد ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ٿي. پاڻ سينيٽ آف پاڪستان ۾ سيڪشن آفيسر آهي. هن آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي آهي. هن شاعريءَ جي شروعات 1979ع ڌاري ڪئي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘ياد جي چهنڊي’ گلشن پبليڪيشن طرفان 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن 1990ع ۾ شادي ڪئي. پاڻ اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو